ڀڳوان اٽلاڻي

ڀڳوان اٽلاڻي

ڀڳوان اٽلاڻي

ڀڳوان اٽلاڻي: مشھور ليکڪ ۽ ڊرامانويس ڀڳوان اٽلاڻيءَ 10 مارچ 1945ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ هندوستان لڏي ويو. BSc تائين تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ اسٽيٽ بينڪ آف انڊيا ۾ ملازمت ڪئي، جتان رٽائرڊ ڪري هن وقت جئپور ۾ رهي ٿو. سندس ڪھاڻين ۽ ڊرامن جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’پالتو‘ (لانگ پلي: 1983ع)، (2) ’ڪنڊن جا ٻج‘ (ڪھاڻين جو مجموعو: 1985ع)، (3) ’ڀنڊارو‘ (ڊرامن جو مجموعو:1986ع)، (4) ’الوداع‘ (ريڊيائي ڊرامن جو مجموعو: 1989ع) ۽ (5) ’پنھنجي پنھنجي رڃ‘ (ناول: 1991ع) شامل آهن. سندس ڪم جي مڃتا طور کيس ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ آل انڊيا سنڌو ڪلچرل سوسائٽيءَ، راجستان سنڌي اڪيڊمي، راجستان ساهتيه اڪيڊمي، ڊپارٽمينٽ آف لئنگئيجز گورنمينٽ آف هريانا، ماهوار رسالي ”مڪتا“، ”سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ گورنمينٽ آف انڊيا، دهليءَ“ طرفان مليل اوارڊ شامل آهن. هي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ قائم ڪيل اداري نئشنل ڪائونسل فار دي پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPSL)جو ميمبر ۽ راجستان سنڌي اڪيڊميءَ جو چيئرمئن (2000ع- 1997ع) به رهيو آهي. هي فري لانس صحافي به آهي. ڪيترين اخبارن ۾ سندس ليک ڇپبا رهيا آهن. ادب ۾ سندس اظهار جو ذريعو ڪھاڻي ۽ ڊراما آهن. هن ناول ”پنهنجي پنهنجي رڃ“ پھرين هنديءَ ۾ لکيو، جنھن جو بعد ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.03.10  عيسوي

ڀڳوان اٽلاڻيءَ 10 مارچ 1945ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڊاڪٽر ڊيوئارٽ
احسان دانش ڊاڪٽر
ڄاموٽ سيد حسن علي
ٻگهيو عزيز الرحمان ڊاڪٽر
سوناڪشي سنها
ڀرت ڪمار ڍنگرا
امير علي شاهه
بهاول خان عباسي4
اجيو ساڌ
بابر علي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون